سيد عباس علي شاهه رضوي

سيد عباس علي شاهه رضوي

سيد عباس علي شاهه رضوي

سيد عباس علي شاهه رضوي: ڪافيءَ ۽ غزل جو مشهور عوامي شاعر، عباس علي شاهه ولد سيد روشن علي شاهه رضوي، نئين ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ روشن آباد ۾، 1922ع ڌاري ڄائو. هن جو واسطو شاهه عنات نصرپوريءَ جي خاندان سان آهي، جيڪو شاهه لطيف جو وڏو همعصر هو. عباس علي شاهه 20 سالن جي ڄمار ۾ شاعري شروع ڪئي. مخدوم طالب الموليٰ، رسول شاهه'>سيد غلام رسول شاهه جيلاني، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، مرتضيٰ ڏاڏاهي ۽ ٻين سان سندس صحبتون رهيون. سندس ڪلام سنڌ جي مشهور فنڪارن: خان بلوچ'>سونا خان بلوچ،
محمد يوسف، محمد ابراهيم، محمد جمن، مائي ڀاڳي ۽ ٻين ڳايو آهي. هن جي شاعريءَ جا ٽي مجموعا: (1) ’خيال دل‘، (2) ’ساروڻيون سَوَ ساهه ۾‘ ۽ (3) ’هي در نه مٽجي دوست جو‘ (2009ع) ڇپيل آهن.
عباس علي شاهه ڪافي ۽ غزل جو پوئين دور جو اهم شاعر آهي. هن 11 جنوري 2012ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو